اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب تحريڪ انصاف باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب نيب راولپنڊي جي ٽيم کي خيبر پختونخواهه موڪليو ويو آهي، بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم 3 ڏينهن اڳ به خيبر پختونخواهه ۾ بشريٰ بي بي جي گرفتاري جي ڪوشش ڪندي رهي، اڄ ٻيهر گرفتاري لاءِ نيب ٽيم جوڙي وئي.
نيب خيبر پختونخواهه کي ٽيم سان مڪمل سهڪار جي هدايت ڪئي وئي آهي، بشريٰ بي بي جي گرفتاري لاءِ نيب خيبر پختونخواهه پوليس جي به مدد وٺندو.
You might also like