سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي : عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي نائب صدر حورالنساءَ پليجو، ستار رند ۽ حسنه راهوجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته فصلن جو اگهه گهٽائي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، ٻج ۽ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو ويو، هنن چيو ته مهانگائي وڌڻ سبب هن سال اگهه وڌائڻ بدران ٻيڻ تي گهٽايو ويو آهي، جنهن سبب هاري ۽ آبادگار پنهنجي محنت جي اجوري کان محروم ٿي ويا آهن. ڪمند جو ته سرڪاري اگهه ئي مقرر ناهي ڪيو، پيپلز پارٽي سرڪار جو سمورو ڌيان پي ٽي آءِ_نواز ليگ جهيڙي ۾ ڀڻ ڀڻ ڇيڙا جنگ مچائي وارو ڪردار نڀائڻ ۾ آهي، سنڌ جي هارين جا مسئلا حل ڪرڻ سنڌ سرڪار جي ايجنڊا ۾ ئي شامل ناهي . هنن چيو ته ملڪ جا حڪمران زراعت تي خاص ڌيان ڏيڻ بدران زرعي شعبو به غيرملڪي سرمائيدارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن. جنھن سبب سنڌ ۾ ڀيانڪ ڏڪار پيدا ٿيندو. ڪارپوريٽ فارمنگ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڇهن نون ڪينالن جا منصوبا سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪرڻ جي سازش آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.