درياهه کي بچائڻ لاءِ جدوجھد تيز ڪرڻ کانسواءِ ٻيو رستو ناهي: اياز لطيف

حيدرآباد ( پ ر )  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو درياھه قتل ٿيڻ سان ڪروڙين زندگيون تھذيبون موت جو گرھه بڻجي وڃن ٿيون . سنڌ سڀني کان وڌيڪ پاڻي کوٽ جو شڪار ٿئي ٿي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي سنڌ جي ماڻهن وٽ پر امن جدوجھد کان سواءِ ٻيو رستو ناهي، سنڌي پنهنجي درياهھ کي بچائڻ لاءِ جدوجھد تيز ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران ملڪ کي تباهي ۽ بربادي جي رستي تي وٺي پيا وڃن، ملڪ شديد سياسي بحران جو شڪار آهي. ملڪ ۾ بھتري شفاف چونڊون پارليامينٽ جي بالادستي سان ٿيندي. آئين ۽ قانون کي نظرانداز ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا،  ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.