ڊگھڙي( ن ع آ ) ڪمند جو سرڪاري اگھ مقرر نه ٿيڻ ۽ شاخن جي وارابندي جي ڪري آبادگار پريشان ٿي ويا سنڌ آبادگار اتحاد تعلقي ڊگھڙي جي صدر ڪاشف اڪبر جوڻيجو،شوڪت نوحاڻي،خيرمحمد چانڊيو ۽ ٻين آبادگارن ڊگھڙي ۾ گڏجاڻي دوران چيو ته ڪمند جو سرڪاري اگهھ مقرر نه ٿيڻ ڪري شگرمل مافيا آبادگارن کان سستي اگھه تي ڪمند خريد ڪري رهي آهي جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو معاشي نقصان پهچي رهيو آهي، هنن چيو ته سرڪار ۽ شگرمل مافيا جي ملي ڀڳت جي ڪري سارين جي فصل جيان هن وقت ڪمند جي آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو وڃي پيو، سنڌ جي آبادگارن جو مطالبو آهي ته ڪمند جو اگهھ 550رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي ته جيئن زراعت کي بچايو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف جنسن جا مناسب اگھه نٿا ڏنا وڃي ته ٻئي طرف پوکي جي وقت شاخن جي غيرقانوني اڻ اعلانيل وارابندي جي ڪري پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ ، بصر ، ڪمند ۽ ٻي فصل جي پوکي سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر ڪري شاخن تان وارابندي ختم ڪري آبادگارن ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.