احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي حڪمت عملي تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي.
ذريعن موجب ڊي چوڪ تائين پهچندڙن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، ڊي چوڪ جي ڀرپاسي سيڪٽرن ۾ قائم سمورين مارڪيٽن کي انتظاميا بند ڪرائي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميلوڊي، بليو ايريا، آبپارا، ايف 6 ۽ ايف 7 جون مارڪيٽون سيل ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب رات جو وڏي آپريشن جي منصوبابندي جاري آهي، آءِ جي پي روڊ، اسلام آباد اچ وڃ جا اهم رستا خالي ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب ڊي چوڪ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ ڊي چوڪ ڏانهن وڌندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان ريلي جي قيادت ڪندڙن سميت اهم اڳواڻن جي گرفتاري جون هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.