ايئرپورٽ تي مسافر عورتن جي سامان مان زهريلا نانگ برآمد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شمس آباد ايئرپورٽ تي ڪسٽم اختيارين ڪارروائي ڪندي ٻن عورتن جي سامان مان زهريلي نانگ برآمد ڪري ورتا.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻه عورتون بينڪاڪ کان حيدرآباد پهتيون هيون، جن جي لگيج ۾ ٻه باسڪٽس موجود هئا، ڪسٽم اختيارين انهن باسڪٽس جو معائنو ڪيو ته انهن ۾ ٻه زهريلا نانگ موجود هئا.
ڪسٽم اختيارين ٻنهي عورتن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ نانگن جي حوالي سان جاچ جاري آهي، جڏهن ته نانگن کي ضبط ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.