لاهور (ويب ڊيسڪ ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ احتجاج سبب سريلنڪا اي ٽيم جون پاڪستان ۾ باقي ٻه ون ڊي ميچون ملتوي ڪيون ويون آهن.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وفاقي راڄڌاني ۾ سياسي سرگرمين سبب پاڪستان شاهينز ۽ سريلنڪا اي وچ ۾ ون ڊي سيريز جو آخري ٻه ميچون ملتوي ڪيون ويون آهن.
پي سي بي موجب، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري 2 ميچون اربع ۽ جمعي جي ڏينهن راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول هيون.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ٻئي بورڊ سيريز مڪمل ڪرڻ لاءِ نين تاريخن کي حتمي شڪل ڏين لاءِ سهڪار ڪندا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن کيڏيل پهرين پهرين ميچ ابتدائي طور راولپنڊي ۾ شيڊيول هئي جيڪا احتجاج سبب اسلام آباد ڪلب ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان شاهينز ڪاميابي ماڻي.
You might also like