راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته منهنجو پنهنجي ٽيم کي به پيغام آهي ته آخري بال تائين وڙهنداسين، جيستائين مطالبا پورا نه ٿيندا پوئتي نه هٽنداسين.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي سلام، جيڪي پنهنجي حقن لاءِ بيٺا آهن، پرامن احتجاج ۾ شامل آهن ۽ ملڪ تي مڙهيل مافيا سامهون پنهنجي مطالبن ۽ حقيقي آزادي لاءِ ڄمي بيٺا آهن.
هن چيو ته سنڊ پار پاڪستانين جا به ٿورا، جيڪي نه رڳو پاڪستان ۾ موبلائيزيشن ڪري رهيا آهن، فنڊ موڪلي رهيا آهن پر پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ به تاريخي احتجاج ڪري رهيا آهن.
عمران خان پنهنجي سوشل ميڊيا ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي سڄي دنيا ۾ اسان جي مطالبن ۽ پاڪستان ۾ جاري ظلم جي ڀرپور ڪوريج جاري رکن.
سندس چوڻ هو ته مون کي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل جون ڌمڪيون ڏيندڙن کي پيغام آهي ته جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو، مان پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽندس.
اڳوڻي وزيراعظم هدايت ڪئي ته جيڪي اڃا تائين ڊي چوڪ ناهن پهچي سگهيا اهي به پهچن، احتجاج ۾ شامل سمورا پاڪستاني پرامن رهن، مطالبا منظور ٿيڻ تائين متحد رهن، ڄمي بيهن.
You might also like