خيرپور: گورنمينٽ ڪاليج جي ليب ۾ تجربي دوران ڌماڪو، پروفيسر ۽ 4 شاگرد زخمي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور جي هڪ گورنمينٽ ڪاليج جي ليب ۾ سائنسي تجربي دوران ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پروفيسر ۽ 4 شاگرد زخمي ٿي پيا.
ليب ۾ سائنسي تجربي دوران ڌماڪو خيرپور گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج ۾ ٿيو، ڌماڪي ۾ ڪاليج جو هڪ پروفيسر ۽ 4 شاگرد زخمي ٿي پيا.
ڪاليج انتظاميا موجب زخمين کي طبي امداد لاءِ فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي پروفيسر جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته شاگرد معمولي زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.