پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) هڪ ڀيرو ٻيهر هائبرڊ ماڊل قبول ڪرڻ ۽ ڳري معاوضي جي آڇ ٿڏي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هاڻ به هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ واري موقف تي قائم آهي جڏهن ته ڪيئي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود آءِ سي سي، پي سي بي جي خط جو لکت ۾ جواب نه ڏنو آهي.
گذريل ڏينهن ڀارتي بورڊ پنهنجي ميڊيا ذريعي پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني واري معاملي تي پئسن جو رعب ڏيکاريندي هائبرڊ ماڊل اپنائڻ جي صورت ۾ جهجهي رقم جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٿڏي ڇڏي آهي.
رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ذريعي ڀارتي بورڊ پي سي بي کي مالي فائدن جي آڇ ڪندي ڀارت جون ميچون گڏيل عرب رياستن ( يو اي اي ) منتقل ڪرائڻ تي زور ڏنو هو.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هائبرڊ ماڊل تحت ميزباني کان انڪاري آهي، پي سي بي جو موقف آهي ته ڀارت جي گروپ ميچن سميت سموري ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ کيڏي ويندي.
واضح رهي ته ميگا ايونٽ جو ميزبان پاڪستان آهي پر ڀارتي حڪومت ۽ بورڊ پاران ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار تي آءِ سي سي کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن براڊ ڪاسٽرز طرفان شيڊيول لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين به گذري چڪي آهي.
Next Post
You might also like