چين ۾ 37 لک اسڪوائر ميل جي ايراضي موجود آهي پر نوجوانن سياحن جو وڏو انگ پنهنجي ملڪ کي آسمان تان ڏسڻ کي ترجيح ڏيندو آهي.
اهڙو ئي هڪ نئون سياحتي هنڌ تيانتي (چيني ٻولي ۾ آسماني ڏاڪڻ) آهي.
5 هزار فوٽ اوچائي تائين ويندڙ اها ڏاڪڻ چين جي صوبي هونان جي Zhangjiajie نيچر پارڪ ۾ موجود آهي، جنهن تي سفر ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي،
اها ڏاڪڻ ان ڪري تيار ڪئي وئي آهي ته ته جيئن ماڻهو ڏکيائين بنا Qixing جبل تي چڙهي سگهن.
روز سراسري طور 100 کان وڌيڪ سياح ان ڏاڪڻ تي چڙهندا آهن پر اها ايتري ته مقبول ٿي چڪي آهي جو هڪ ڀيري ته فضا ۾ ”پيپل جام“ ٿي ويو هو.
You might also like