”اسان جي دلين ۾ هڪٻئي لاءِ محبت آهي“ اي رحمان سان لاڳاپن تي گٽارسٽ جو بيان

ولڪتا (ويب ڊيسڪ )آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ ليجنڊري ڀارتي موسيقار اي آر رحمان جي گٽارسٽ موهني ڊي مڙس کان طلاق کي تعلق اي آر رحمان سان جوڙڻ وارين افواهن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي موسيقار اي آر رحمان جي طلاق جي خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي ويئي هئي، ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي موسيقار جي گروپ ۾ شامل گٽارسٽ موهني ڊي به پنهنجي مڙس کان عليحدگيءَ جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد سوشل ميڊيا واهپيدار ٻنهي جي طلاق کي هڪٻئي سان جوڙي رهيا هئا.
ان کان اڳ موهني ڊي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو هو ته کيس انٽرويوز لاءِ تمام گهڻيون درخواستون ملي رهيون آهن ۽ هوءَ ڄاڻي ٿي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي، انڪري هو سڀني کي جواب ڏئي رهي آهي ڇو ته هوءَ بي بنياد افواهن کي هوا ڏيڻ ۾ ڪائي دلچسپي نٿي رکي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هاڻي موهني ڊي هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ” هن جي نظر ۾ کوڙ اهڙيون شخصيتون آهن جيڪي والد جو درجو رکن ٿيون، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ رول ماڊل جي حيثيت رکن ٿيون، هوءَ واقعي خوش قسمت ۽ ٿورائتي آهي جو انهن سندس پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اي آر رحمان به انهن منجهان هڪ آهي جنهن جي هوءَ تمام گهڻي عزت ڪري ٿي. “
گٽارسٽ چيو ته ” اي آر رحمان سندس پيءُ جيان آهي، هوءَ سندس ڌيءُ جي عمر جي آهي، اسان جي دلين ۾ هڪٻئي لاءِ محبت ۽ عزت آهي.“
موهني ڊي چيو ته ” هوءَ سندس بينڊ سان اٽڪل 8 ورهين تائين ڪم ڪيو، پنج سال اڳ ئي هوءَ آمريڪا آئي ۽ اتي ڪم رهي آهي، مهرباني ڪري پرائيويسي جو خيال رکو، هي ذاتي معاملو آهي ۽ ان ۾ دخل اندازي نه ڪريو.“
هن وڌيڪ چيو ته ” هي انتهائي تڪليف ڏيندڙ مرحلو آهي، مهرباني ڪري ٻين تي رحم کائو.“
گٽارسٽ سوشل ميڊيا تي وائرل افواهن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ” منهنجي ۽ آر رحمان جي خلاف غلط ڄاڻ، بي بنياد افواهه ۽ دعوائون ناقابلِ يقين آهن، ميڊيا اي آر رحمان جي طلاق وارن واقعن کي جوڙي مون کي ڏوهاري بڻائي ڇڏيو آهي، مون اٺ سال اي آر رحمان سان ڪم ڪيو، مان سندس اولاد جيئن آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.