واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽن ملڪن مان ايندڙ شين تي ڳرا ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ ميڪسيڪو، ڪينيڊا ۽ چين مان ايندڙ شين تي صدارت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڳرا ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٽرمپ چيو ته 20 جنوري تي ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا مان ايندڙ سڀني شين تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جي منظوري ڏيندس ۽ اهو ٽيرف منشيات ۽ غير قانوني پناهگيرن جي داخلا بند ٿيڻ تائين لاڳو رهندو.
هن چيو ته چين مان درآمد شين تي به موجوده ٽيرف کان 10 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪنداسين، آمريڪا ۾ منشيات جي پهچ روڪڻ جي چيني قدمن تائين واڌو ٽيڪس لاڳو رهندو، چيني اختيارين واعدو ڪيو هو ته منشيات سمگلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
آمريڪي صدر جي بيان تي چيني سفارتخاني جي ترجمان چيو ته چين ۽ آمريڪا منشيات خلاف ڪارروائين ۾ رابطي ۾ رهيا آهن، چين آمريڪا اقتصادي ۽ واپاري سهڪار گڏيل فائدي تي ٻڌل آهي، ڪو به واپار يا ٽيرف جي جنگ نه کٽي سگهندو.
You might also like