هڪ ٻي پاڪستاني ٽِڪ ٽاڪر جي اڻ وڻندڙ وڊيو وائرل

پاڪستاني ٽِڪ ٽاڪر ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر ڪنول آفتاب جي مبينا اڻ وڻندڙ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
اڄڪلهه هڪٻئي پٺيان ٽِڪ ٽاڪرز جي اڻ وڻندڙ وڊيوز ليڪ ٿيڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، ان کان اڳ مٿيرا، امشا رحمان ۽ مناهل ملڪ جون اڻ وڻندڙ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.
سوشل ميڊيا انفلوئنسر ۽ ٽڪ ٽاڪرز جون وڊيوز ليڪ ٿيڻ وارو معاملو هڪ تڪراري صورت اختيار ڪري چڪو آهي هاڻي ڪنول آفتاب جي مبينا اڻ وڻندڙ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اِها وڊيو مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي جي مدد سان ٺاهي وئي آهي ۽ اِها جعلي وڊيو آهي جڏهن ته ڪيئي صارفين وڊيو کي جعلي قرار ڏيڻ کان انڪاري آهن.
ٻئي پاسي هنيئر تائين ڪنو آفتاب يا سندس مڙس ذوالقرنين سڪندر طرفان ان معاملي تي ڪو به باظابطا بيان يا ردعمل ظاهر نه ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته لاهور سان تعلق رکندڙ ڪنول آفتاب قريشي ميڊيا تي پنهنجي انوکي شخصيت ۽ دلچسپ مزاحيه مواد سبب مشهور آهي، هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ڌيءَ سان گڏ وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪندي آهي، سندس انسٽاگرام فالوورز جو انگ چاليهه لک کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.