ڪراچي (رپورٽر ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ آپريشن تيز ڪرڻ جي فيصلي بعد دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ تيزي اچڻ بدران سڄي ملڪ خاص طور تي ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي تيز ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ ڌاڙيل راڄ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.حڪمران ۽ عسڪري ادارا ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيا آهن. خيبر پختونخوا ۾ بدترين دهشتگردي باوجود اُتان جو وڏو وزير اسلام آباد تي چڙهائيءَ جڏهن ته وفاقي گهرو وزير ۽ سمورا سيڪورٽي ادارا وري اقتدار بچائڻ لاءِ سڄي ملڪ کي جام ڪري بين الاقوامي طور تي ملڪ کي تماشو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌوءَ درياهه ست ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو ذريعو آهي اسان سُجاڳ نه ٿياسين ته اسان جي تاريخ، تهذيب ۽ زراعت تباهه ٿي ويندي، پاڻيءَ جي واري تي پنهنجا سڳا ڀائر ماريندڙ سنڌ جي ماڻهن کي درياءَ بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. سنڌين سان سڀ کان وڏي بي انصافي سڀ کان وڌيڪ عرصو سنڌ تي حڪمراني جا مزا ماڻيندڙ پيپلز پارٽي ڪري رهي آھي. سنڌ حُڪومت جيڪڏھن هوش کان ڪم نه ورتو ته حالتون سندن هٿن مان نڪري وينديون.