سنڌوءَ تي ڪئنالن خلاف ايس يو پي جو موهن جي دڙي کان لاڙڪاڻي تائين مارچ

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) ايس يو پي پاران سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ خلاف موھن جي دڙي کان قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو تائين پيادل مارچ ريلي ڪڍي وئي،  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي حڪم تي لاڙڪاڻو ايس يو پي جي اڳواڻن طرفان پيادل مارچ ريلي ڪڍي وئي جنهن جي  اڳواڻي  ايڊووڪيٽ احمد علي تنيو، صدرالدين ڀٽي، خادم حسين گهانگهرو، منظور علي شيخ  ڪئي،اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 1992ع وارو ٿاڦيل ارسا ايڪٽ مجبوري ۾ قبول ڪيوسين ان جي باوجود سنڌ کي پنهنجي حصي ۾ 42 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو پاڻي جي حصي ۾ ڌاڙا لڳندا رهيا ۽ ھر سال سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندا اچون پيا ھاڻي صدر زرداري ۽ ن ليگ حڪومت گڏ جي ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ترميم ڪئي آهي جيڪا غير آئيني آهي،هنن چيو ته  گرين پاڪستان جي نالي ۾ ملڪ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ تحت مختلف ڪمپنين کي ڏيڻ سان سنڌ جي ٻهراڙي مان لکين ماڻهو بي گهر ٿيندا پاڻي جي انتهائي کوٽ ٿيندي زرعي معيشت تباھ ٿيندي جر جي سڪڻ جو خدشو آهي ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي پڻ متاثر ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.