يورپ جو پنجون وڏو ملڪ سوئيڊن سگريٽ کان ڇوٽڪارو ماڻيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو.
سوئيڊن 13 نومبر تي باضابطا طور دنيا جو پهريون سموڪ فري (سگريٽ کان پاڪ) ملڪ هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
سوئيڊن جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ 4.5 سيڪڙو ماڻهو سگريٽ واپرائيندا آهن، جيڪو عالمي سطح تي طئي ٿيل بينچ مارڪ 5 سيڪڙو کان گهٽ آهي، معنيٰ ان انگ کان گهٽ سگريٽ واپرائيندڙ ملڪ سموڪ فري هوندا.
تماڪ جي نقصانن کان بچاءَ تي ڪم ڪندڙ رضاڪارن جو چوڻ آهي ته ان ڪاميابي جو راز حڪومت طرفان سگريٽ جي محفوظ متبادل جي بهترين پاليسي آهي.
You might also like