پب جي تي پيار، آمريڪي ناري چترال پهچي پاڪستاني نوجوان سان پرڻو ڪري ڇڏيو

مقبول گيم پب جي کيڏڻ دوران آمريڪي ناري پاڪستاني نوجوان کي دل ڏئي ويٺي ۽ ٻنهي جي محبت ايتري وڌي وئي جو ناري شادي لاءِ پاڪستان پهچي وئي.
رپورٽن موجب 18 ورهين جي فلورز سارا ۽ چترال جو 23 ورهين جي شهادت حسين 3 سال اڳ پب جي گيم تي مليا هئا ۽ ٻئي تڏهن کان گيم کيڏي رهيا هئا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهادت حسين جو واسطو چترال جي علائقي مروئي سان آهي، جڏهن ته فلورز سارا پنهنجي ماءُ سان گڏ هلندڙ هفتي ئي لوئر دير پهتي، جتي هڪ نجي هوٽل ۾ هن جي شهادت سان ڌام ڌوم سان شادي ٿي.
رپورٽ موجب سارا ۽ شهادت جي شادي روايتي انداز ۾ طئي ٿي، شاهي مسجد چترال جي خطيب مولانا خليق الزمان نڪاح پڙهايو، جڏهن ته ڇوڪريءَ جي نالي ۾ سارا اڳ ئي موجود هو، تنهن ڪري سندس نالي ۾ تبديلي نه ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.