عالمي فوجداري عدالت اسرائيلي وزيراعظم جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم تي جنگي ڏوهه ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته ان ئي الزام ۾ اڳوڻي اسرائيلي بچاءَ واري وزير يواف گيلنٽ جا گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
عدالت فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊز جي سربراهه محمد ضيف جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.
واضح رهي ته عالمي فوجداري عدالت جي چيف پراسيڪيوٽر هلندڙ سال مئي ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ٻين جا جنگي ڏوهن جي الزام ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.