آءِ ايم ايف حيران آهي ته چوڏهن مهينن ۾ معيشت ڪيئن سنڀالجي وئي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽجي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.  هن دعويٰ ڪئي ته آءِ  ايم ايف حيران آهي ته 14 مهينن ۾ معيشت ڪيئن بحال ٿي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، مالياتي ادارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته آمريڪا ۾ موڊيز، فچ ۽ ٻين ريٽنگ ايجنسين سان مثبت ملاقات ٿي، پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي.  حڪومتي قدمن سبب معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌي رهيا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جلد اقتصادي روڊ ميپ پيش ڪندو، چئني وڏن وزيرن معيشت جي بهتري لاءِ تعاون جو يقين ڏياريو آهي، معيشت جي بهتري لاءِ مقرر هدف حاصل ڪنداسين، ٽيڪس نيٽ کي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ سمورن شعبن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.نيوز ڪانفرنس دوران ناڻي واري وزير چيو ته هو انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ٻين مالياتي ادارن سان رابطي ۾ آهن. آمريڪا ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ، ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته سعودي عرب، متحده عرب امارات، چين، ترڪي ۽ برطانيه جي ناڻي واري وزيرن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.