اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٻيهر ٻوليون طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سينيٽر طلال چوڌري جي صدارت هيٺ سينيٽ جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي آءِ اي لاءِ گهٽ ٻولي اچڻ جي سببن تي بحث ڪيو ويو.
نجڪاري بابت وفاقي وزير عليم خان چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٻيهر ٻوليون طلب ڪيون وينديون ۽ ان تي ڪم هلي رهيو آهي، وزيراعظم جو نجڪاري تي فوڪس آهي، مستقبل ۾ سٺي خبر ملندي.
هن ايئر انڊيا جو مثال ڏيندي چيو ته ايئر انڊيا جي ٻولي به 5 ڀيرا ناڪام ٿي هئي، ان کانپوءِ وڃي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيو.
You might also like