اسلام آباد (م ڊ) صنم جاويد هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ڪوٽ لکپت جيل ۾ گذاريل وقت بابت دلچسپ ڄاڻ ڏني. هن چيو ته جيل ۾ قيد عورتون پاڻ ۾ وڙهنديون هييون ته عملو ٻنهي ڌرين کي ٿورو ٿورو ڪٽڪو ڏيندو ۽ پوءِ عدالت ۾ دانهينديون هيون ته جيل اهلڪار تشدد ڪن ٿا. جيل ۾ سلائي سينٽر ۽ هڪ بيوٽي پالر به آهي جتي قيدي عورتن کي تربيت ڏني وڃي ٿي. رات جي وقت جيل جون بيرڪس بيوٽي پارلر جو منظر پيش ڪنديون هيون. هڪ ڀيري گهرو وزير محسن نقوي جيل جي دوري تي سڌو بيوٽي پارلر ۾ هليو ويو، جيل قانون موجب ڪير به بنا اجازت جي عورتن جي سيڪشن ۾ نٿو وڃي سگهي. محسن نقوي جڏهن بيوٽي پارلر پهتو ته اتي فيشل، ميني ڪيور ۽ پيڊي ڪيور هلي رهيو هو، اهو ڏسي عورتن گوڙ ڪيو جنهن تي محسن نقوي مونجهاري ۾ فوري نڪري ويو. ڊاڪٽر ياسمين راشد به اسان سان قيد هئي ۽ اسان کي گانا به ٻڌائيندي هئي، طبي صلاحون به ڏيندي هئي. هن چيو ته سندس 3 عيدون جيل ۾ گذريون، عيد جي ڏينهن ۾ عورت قيدياڻيون لهنگا ۽ غرارا پائي گهمنديون هيون، دهلن تي گانا وڄايا ويندا هئا.