مهانگائي گهٽائڻ جي حڪومتي دعويٰ ڪوڙي آهي\حافظ نعيم

اسلام آباد(بيورو/  پ ر)  جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته دهشت گردي جي خاتمي لاءِ  جامع ڳالهين جي  ضرورت آهي. مهانگائي گهٽائڻ ۽ معيشت جي بهتري جا حڪومتي دعوِيٰ ڪوڙي آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا، دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. حڪومت هڪ طرفي پاليسي بدران مسئلي جي سمورن رخن تي ڌيان ڏئي، باجوڙ ۾ افسوسناڪ واقعي ۾ جماعت اسلامي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري حميد صوفي شهيد ٿي ويو. افغان حڪومت کي يقين ڏياريو وڃي ته هو پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏي.امن لاءِ پاڪ افغان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. امير جماعت اسلامي چيو ته مان پيپلز پارٽي جي سنجيده ماڻهن کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان ٻرندڙ چراغ آهيو. توهان جنهن سطح تي ڌاندلي ڪئي آهي، جنهن طريقي سان توهان ماڻهن جي راءِ کي دٻائي رهيا آهيو، اهو جمهوريت مخالف آهي. پيپلز پارٽي جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي حمايت تي بيٺي آهي، سڄي سنڌ ۾ قابض نظام هلي رهيو آهي؟ آرمي چيف اهو به چيو هو ته سنڌ مان نظام ختم ڪنداسين، نظام اتي قبضي لاءِ خاص اصطلاح آهي پر اسلام آباد ۾ اهو نظام لاڳو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.