ڪراچي (رپورٽر) پوليس جي ملير ٽاسڪ فورس جي اورنگي ٽائون ۾ گٽڪي جي فيڪٽري تي ڇاپي دوران گهر مان 25 لک رپيا ڦريا ويا. ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي موجب ڊي ايس پي ملير عابد مهر جي نگراني ۾ پوليس موريا ڳوٺ جي گهر ۾ فيڪٽري تي ڇاپو هنيو، گٽڪو هٿ ڪري ٻن جوابدارن محمد يونس ۽ محمد حسين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جي واپس وڃڻ تي متاثر اورنگي ٿاڻي پهتا ته سندن گهر مان 25 لک رپيا، سونا زيور ۽ پرڏيهي ڪرنسي ڦر ڪئي وئي. پوليس انچارج ڊي ايس پي، ملير هالٽ تي ڇاپي مار ٽيم کي روڪيو، اهلڪارن جي جهڙتي دوران ٻن ليڊي ڪانسٽيبلز ارم ۽ مائرا جي بيگز مان 16 لک رپيا روڪ مليا، ٻي رقم هٿ نه آئي. ٻنهي ڪانسٽيل ۽ هيڊ ڪانسٽيبل شازيا کي معطل ڪيو ويو ۽ ڪارروائي شروع ڪئي وئي. رقم گهرڀاتين کي واپس ڪئي ويندي.