اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي چيو آهي ته ادارن ۽ فري لانسرز لاءِ وي پي اين جي رجسٽريشن وڌيڪ آسان ڪئي وئي آهي.
وي پي اين رجسٽريشن جي حوالي سان پي ٽي اي چيو آهي ته سافٽ ويئر هائوسز، ڪال سينٽرز ۽ بئنڪون پي ٽي اي جي ويب سائيٽ تي ان سلسلي ۾ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿيون.
پي ٽي اي موجب سفارتخانا، فري لانسرز ويب سائيٽ تي وي پي اين آساني سان رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا، سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جا ميمبر به سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿا.
رجسٽريشن لاءِ آن لائن فارم مڪمل ڪرڻ، بنيادي تفصيل فراهم ڪرڻ ضروري آهي، فري لانسرز کي پنهنجي پراجيڪٽ يا ڪمپني سان وابستگي جي تصديق فراهم ڪرڻي پوندي، درخواست ڏيندڙن کي وي پي اين ڪنيڪٽويٽي لاءِ آءِ پي ايڊريس به فراهم ڪرڻي پوندي.
پي ٽي اي وڌيڪ چيو ته وي پي اين رجسٽريشن جي عمل جون ڪي چارجز ناهن، هيل تائين 20 هزار کان وڌيڪ ڪمپنيون، فري لانسر وي پي اين رجسٽر ڪرائي چڪا آهن.
You might also like