شادي هڪ اهڙو موقعو آهي، جنهن لاءِ گهوٽ ڪنوار سميت انهن جا گهر ڀاتي ڪجهه مهينا اڳ ئي تياري شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ تقريب ۾ مٽن مائٽن سميت دوستن ۽ ٻين ويجهن ماڻهن کي به دعوت ڏني ويندي آهي.
شادي تقريبن ۾ وڏي انگ ۾ مهمان شرڪت ڪندا آهن پر ڇا توهان ڪڏهن بنا مهمانن جي شادي تصور ڪئي آهي؟
اهڙو ئي اڻ وڻندڙ واقعو آمريڪي رياست اوريگن سان واسطو رکندڙ ٽڪ ٽاڪر سان پيش آيو، جنهن پنهنجي شادي جي موقعي تي اهڙي اڻ وڻندڙ تجربي کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.
ٽڪ ٽاڪر ڪالينا ميري پنهنجي شادي جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا ڪجهه لمحن ۾ ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ ٽڪ ٽاڪر کي پنهنجي مڙس شين ۽ پٽ سان گڏ هڪ اهڙي شاندار شادي هال ۾ انٽري ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو تقريبن خالي آهي.
ٽڪ ٽاڪر ڪيپشن لکيو ته اها اسان جي پنهنجي شادي تقريب ۾ انٽري جي وڊيو آهي، جنهن ۾ رڳو 5 مهمانن شرڪت ڪئي، منهنجو خواب هو ته جڏهن منهنجي شادي هال ۾ انٽري ٿئي ته ماڻهن جو هڪ هجوم اسان جي آجيان ڪري پر ان جي ابتڙ شادي تقريب ۾ رڳو 5 ماڻهو هئا.
هن پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ لکيو ته هيءَ اهڙي شادي جي تقريب نه هئي، جهڙي مون سوچي هئي.
ڪالينا ۽ شين گذريل 9 سالن کان گڏ آهن ۽ انهن جو هڪ پٽ به آهي، ان جوڙي هڪ شاندار تقريب ۾ پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن جي موجودگي ۾ شادي ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو.
جوڙي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 75 ماڻهن کي ڊجيٽل دعوت ناما ۽ 25 ماڻهن کي ميل موڪلي هئي پر تقريب ۾ رڳو 5 ماڻهن شرڪت ڪئي.
You might also like