مطالبن جي مڃتا تائين اسلام آباد ۾ ويهنداسين: بئريسٽر سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، مطالبا پورا نه ٿيا ته اسلام آباد ۾ ويٺا هونداسين.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر سيف چيو ته پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جا اجلاس ٿي رهيا آهن، احتجاج جو مقصد پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين سياسي قيدين جي آزادي آهي.
هن چيو ته بشريٰ بي بي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، هن رڳو باني جو پيغام پارٽي اڳواڻن تائين پهچايو.
سندس چوڻ هو ته اسان جلسن ۾ ڪا سرڪاري مشينري استعمال ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.