واٽس ايپ ۾ هڪ نئون ڊرافٽ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، هي فيچر واهپيدارن لاءِ اهڙا پيغام مڪمل ڪري کانپوءِ موڪلڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو جيڪي هو ڪنهن چيٽ ۾ لکي سينڊ ڪرڻ وساري ويهندا آهن.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب، نئين فيچر جو مقصد واهپيدارن کي هڪ سولو ۽ اثرائتو طريقو فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجا اڻپورا پيغام ڳولي ري سينڊ ڪري سگهن.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي هي فيچر ان وقت تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو جڏهن واهپيدار ڪنهن مسئلي سبب پيغام ٽائيپ ڪندي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي يا هو سينڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ وساري ويهي.
هن فيچر ذريعي واهپيدارن کي فوري طور اڻپورا پيغام موڪلڻ جو موقعو ملندو ۽ پيغامن جي ڳولا ۾ وقت جي زيان جو خدشو به ناهي.
ميٽا چيف ايگزيڪٽيو مارڪ زڪربرگ نئين فيچر جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته هي فيچر سڀني لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو، اسان سڀني هن فيچر جي گهرج آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڊرافٽ انڊيڪٽر نالي فيچر سڄي دنيا ۾ اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
فيچر استعمال ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو
حقيقت فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ اوهان کي پاڻ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن چيٽ ۾ اوهان پيغام سينڊ ڪرڻ وساري ويٺا آهيو ته جڏهن اوهان ايپ کوليندئو ته اِها چيٽ سڀ کان مٿي هوندي جنهن تي واضح اکرن ۾ ڊرافٽ لکيل نظر ايندو.
ان کي اوپن ڪري پنهنجو پيغام سينڊ ڪري ڇڏيو، اهڙي ريت واهپيدارن کي اهڙا پيغام ڳولڻ لاءِ وقت وڃائڻو نه پوندو جيڪي هو ڪنهن مسئلي سبب سينڊ نه ڪري سگهيا هئا.
You might also like