اسٽيٽ بئنڪ اوپن مارڪيٽ آپريشن لاءِ بئنڪن کي ٽي هزار ارب رپين کان وڌيڪ رقم ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ اوپن مارڪيٽ آپريشن لاءِ بئنڪن کي 3 هزار ارب کان وڌيڪ رقم فراهم ڪري ڇڏي.
اسٽيٽ بئنڪ اختيارين موجب، اوپن مارڪيٽ آپريشن لاءِ بئنڪن کي 3 هزار 89 ارب رپيا ڏنيا ويا آهن.
اختيارين موجب روايتي بئنڪن کي 15.04 سيڪڙو سالياني وياج جي شرح تي 2 هزار 56 ارب رپيا ستن ڏينهن لاءِ جڏهن ته 871 ارب رپيا 28 ڏينهن لاءِ ڏنا ويا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ اختيارين موجب، اسلامي بئنڪن کي 15 ڏهائي8 سيڪڙو سالياني وياج جي شرح تي 161 ڏهائي 5 ارب رپيا ستن ڏينهن لاءِ ڏنا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.