سائنس ڪائنات جي ڳولا ۾ بليڪ هول جي انتهائن کي وڃي ڳولهي لڌو آھي، چيو وڃي ٿو ته بليڪ هول ڪائنات جي مختلف وجودن کي نه صرف ھڙپ ڪري رهيا آهن بلڪه ساڳيا بليڪ هول نئين توانائي کي جنمي پڻ رهيا آهن، منهنجي لاءِ بليڪ ھول جو موضوع سدائين اچرج جو ڪارڻ رھيو آھي. اسلام آباد ۾ بليڪ ھول نالي اداري پاران مختلف مذاڪرا منهنجي ڄاڻ ۾ واڌاري جا سبب رھندا آيا آھن. .مون کي هفتو اڳ ٻڌايو ويو ته اسان کي بليڪ هول نالي اداري ۾ ويهي عقل ۽ شعور جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته منهنجي تجسس ڀڙڪو کاڌو ۽ جديد علم جي مهندار پرويز هود ڀائي پاران اسلام آباد ۾ قائم ڪيل اداري بليڪ هول وڃڻ جو اشتياق وڌي ويو، بليڪ هول تي ٿيل مذاڪري جو محور گھڻي ڀاڱي عمرڪوٽ جي سماجي صورتحال ۽ سنڌ ۾ مذھبي رواداري وارو سوال رھيو. مختلف دانشورن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ موضوع تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي نـ صرف معاملن جو بھتر ڇيد ڪيو بلڪـ ڪافي سوال پڻ اڀاريا، جن جو جواب وقت جي ضرورت آھي.
سوال اھو به آھي تـ سنڌ ۽ خاص طور عمرڪوٽ جو علائقو تـ سدائين امن ۽ ڀائيچاري جي علامت سمجھيو ويندو رھيو آھي، سنڌ صدين کان امن پسند ۽ مذھبي روادار قوم واري سڃاڻپ رکندڙ رھي آھي تـ پوءِ ڪھڙا سبب آھن جو سنڌ جي امن پسند ۽ مذھبي روادار واري تصوير جا رنگ خراب ٿيڻ لڳا آھن. ان جي پٺيان ڪھڙا محرڪ ڪارفرما آھن ۽ انهن جا مقصد ڪھڙا ٿي سگھن ٿا؟ مذاڪري ۾ جامي چانڊيو جي ڪيل ڳالهھ ڪيتري نـ وزندار آھي تـ موھن جي دڙي سميت سنڌ جي سمورن پراڻن آثارن جي کوٽائي دوران نرت، موسيقي، پٿرن تي چترڪاري سميت مختلف فنونِ لطيفـ ۽ انساني جيوت لاءِ ضروري ھنرن جا نشان يا آثار تـ مليا آھن پر ڪٿان بـ ڪنهن قسم جا ھٿيار ناھن مليا، اھو ثبوت تصديق ڪري ٿو تـ سنڌ صدين کان امن پسند رھندي آئي آھي، سنڌ وڏي عرصي تائين جين مت، ٻُڌ مت، ھندو مت توڙي اسلام جي زيرِ اثر رھڻ جي باوجود پنهنجي اجتماعي طبيعت ۽ رويي ۾ اڻسھپ جي عنصر کي حاوي ٿيڻ ناھي ڏنو. ان سلسلي ۾ ٻڌ مت جي پيروڪار راءِ سھاسي جي دور ۾ ھندو برھمڻ چچ جو وزير ھُجڻ، راجا ڏاھر ھندو مت سان تعلق رکڻ جي باوجود سندس صلاحڪارن ۾ مسلمان محمد علافي جي موجودگي جھڙا ڪيئي مثال ڏئي سگھجن ٿا. ابنِ قاسم جي ڪاھ ۽ اقتداري غلبي جي باوجود سنڌ ۾ مذھبي تفريق کي علائقي ۾ ايتري پذيرائي نـ ملي ۽ ايندڙ ڪيئي صدين تائين سنڌ ۾ ھندو، مسلم، سک توڙي پارسي ڀائرن وانگي زندگي گذاريندا رھيا،پر ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ جيترو سنڌ جي قومي وجود، ثقافت ۽ روايتن کي ڇيھو رسيو تنهن جو نتيجو اڄ تائين سنڌ ڀوڳي پئي.
مذھبي بنيادن تي رياست جي قيام کانپوءِ ملڪ ۾ اقتدار لاءِ مذھب کي ھٿيار طور استعمال ڪرڻ سان ھيٺين سطح تي مذھبي فرقيواريت کي ھٿي ملي ۽ جنهن جي ڪري ملڪ ۾ وڏي پئماني تي مذھبي جنونيت ۾ واڌارو آيو. نتيجي ۾ ھڪ فرقي جو مڃيندڙ ٻئي فرقي جي مسجد ۾ نماز پڙھڻ پسند ناھي ڪندو، سو ٻئي مذھب جي مڃيندڙ کي ڪيترو قبول ڪندو؟
آئون پڻ ان راءِ جي آھيان تـ اختلافِ راءِ پنهنجي جاءِ تي پر ڪنهن بـ مذھب يا نظريي سان نفرت يا ان جي توھين ڪندڙ نـ سٺو سيڪيولر ٿي ٿو سگھي ۽ نـ ئي سٺو انسان ٿي ٿو سگھي. عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر واري پيش آيل واقعي کان پوءِ سنڌ ۾ جتي مذھبي رواداري سواليـ بڻجي وئي آھي تـ ساڳئي وقت رياست ۽ قانون جي بالادستي بـ چرچو بنجي وئي آھي. جڏھن قانون موجود ھوندي به ماڻھن جو ڪو گروھ يا ھجوم رستن تي نڪري قانون سان مذاق ڪندي پنھنجي منشا مڙھڻ شروع ڪري ته پوءِ رياست ۽ قانون ڪھڙي مرض جي دوا آھن. ملڪي آئين ھر شھري کي آزاديءَ سان جيئڻ، راءِ جو اظھار ڪرڻ توڙي قانوني طور پنھنجي دفاع جو حق ڏنو آھي ليڪن جڏھن شر پسند ۽ انارڪي پسند ڌرين کي بار بار ڇوٽ ملڻ جي صورت ۾ سندن اسرڻ ۽ سگھارو ٿيڻ لازمي نتيجو ھوندو آھي.
پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي موجود پير پرستي ۽ قبر پرستي سبب عقيدن جو شديد ٽڪراءَ مذھبي ۽ سماجي ويڇا وڌيل ھئا وري افغانستان ۽ روس واري ويڙھ دوران دنيا جي مختلف ملڪن پاران پنھنجين ويڙھاڪ تنظيمن کي افغانستان ۾ سرگرم رکڻ لاءِ پاڪستاني سرزمين استعمال ڪرڻ ۽ وڏي انگ ۾ افغاني پناهگيرن جي آمد ھن خطي جي اصل روادار ۽ ڀائيچاري واري ماحول کي شديد متاثر ڪيو. بعد ۾ طالبانائيزيشن جي نالي ۾ آيل لھر سموري ملڪ کي گھيري ورتو. اسان سڀني مذھبن ۽ نظرين جو احترام ڪريون ٿا پر مذھب کي پنھنجن مذموم مقصدن لاءِ ھٿيار طور استعمال ڪندڙن کي سنڌ ڪڏھن به ناھي قبوليو.
سو وقت جي ضرورت آھي ته پنھنجي ايندڙ نسل کي پُرامن ۽ پرسڪون مستقبل ڏيڻ لاءِ رٿابندي ڪريون، ان سلسلي ۾ رياستي ادارن ۽ قانون جو تحفظ ڪندڙ ڌرين جي اھم ذميواري جڙي ٿي. پاليسي ساز ادارن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن وانگي مذهبي تعليمي ادارن، درگاھن، خانقاھن، مشينريز وغيره جي رجسٽريشن سان گڏ انھن جي باقاعدي مانيٽرنگ ڪرڻ گھرجي ته اتي ڪھڙي قسم جي تعليم ۽ تربيت پئي ڏني وڃي. اتي ھڪجھڙو نصاب رائج ڪيو وڃي، فوري طور افغاني پناهه گيرن کي واپس سندن ملڪ موڪليو وڃي.