ريا ض اجلاس: رڳو مذمت سان اسرائيل نسل ڪشي بند نه ڪندو

تحرير: زاهد حسين

گذريل ھڪ سال کان  غزه ۾ اسرائيل پاران  نسل ڪشي کي خاموش تماشائي رھندي ڏسڻدڙ عرب ۽ مسلم ملڪ   هڪ ڀيرو ٻيهر رياض ۾ گڏ ٿيا. جتي ھنن وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ٽڪراءَ  تي بحث ڪيو.سعودي عرب پاران ٺاھيل ھٿ ٺوڪئي اتحاد جنھن جو مقصد  فلسطيني رياست جو قيام جو.اھو  اسرائيلي حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به ٺوس منصوبو تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، اھي حملا هاڻي لبنان تائين پکڙجي ويا آهن.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اسلامي تعاون تنظيم ۽ عرب ليگ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد رڳو اسرائيلي جارحيت جي مذمت تائين محدود رهي. قرارداد ۾ غزه ۾ جاري ظلمن کي  نسل ڪشي طور پڻ قرار نھ ڏنو ويو، جنهن ۾ هينئر تائين 43 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. شهيدن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي.صهيوني فوج  جي جنگي ڏوهن ڪرڻ باوجود اسرائيل سان سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا رکندڙ مسلمان ملڪن کي لاڳاپا ٽوڙڻ جي تجويز نه ڏني وئي. غزه جي پٽي جي مڪمل  ناڪابندي  سبب 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بک سان  وڙھي رھيا آھن ۽ بيمارين وگهي سندن زندگين کي خطرو آهي. رڳو مذمت سان  اسرائيل غزه ۾ جنگ جي نالي تي نسل ڪشي کان روڪجندو. اهو فلسطين جي مظلوم عوام سان دوکو ڪرڻ جي برابر آهي.

درحقيقت، مسلم دنيا جي رويي صهيونسٽ رياست کي مڪمل ڇوٽ ڏني آھي تھ جيڪو ھاڻي پوري قبضي ڪيل زمين کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو. 2023ع ۾ سال جي ھنن ساڳين ڏينهن  ۾رياض ۾ هڪ سربراه اجلاس ٿيو ھو، جنهن ۾ پڻ مسلمان ملڪن جي سربراهن  غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي ھئي. اهي اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ لاءِ ڪنھن متفھ  حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا هئا.مسلمان ملڪ  پنهنجي تيل ۽ معاشي صلاحيتن کي بھ استعمال نه ڪري رهيا آهن،جنھن سان اھي  اسرائيل کي هٿيار فراھم ڪندڙ ملڪن  تي  جنگ بند ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي سگھن ٿا. جنگي ڏوهن جي لامحدود سلسلي کي هڪ سال گذرڻ باوجود به ان جي پوزيشن ۾ ڪا  گھٽتائي يا تبديلي نه آئي آهي، جنهن کي ڪنڌ جھڪائي تسليم ڪرڻ چئجي تھ غلط نه ٿيندو. تازو اجلاس ۾ منظور ڪيل قراردادون بھ  گذريل سال جيان غير موثر ئي آهن.

ٺهراءُ جو ڇرڪائيندڙ ھي حصو هو، ” عرب  جمھوريھ مصر ۽ قطر جي رياست غزه جي پٽي ۾ فوري ۽ مستقل جنگبنديءَ لاءِ آمريڪا جي اڻٿڪ  ڪوششن جي حمايت ۽ واکاڻ ڪئي آهي“ اھو ڪاوڙ ڏياريندڙ آھي تھ  غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت کي آمريڪا جي حمايت حاصل آهي. اها آمريڪا جي فوجي امداد ئي آهي جيڪا اسرائيل جنگ ۾ استعمال ڪري رهيو آهي.آمريڪي اختيارين  پاران ڪڏھن ڪڏھن اسرائيل کي ڇنڊ پٽي ويندي آھي.پر آمريڪا طرفان اسرائيل تي جنگ بندي لاءِ ڪو به باضابطه دٻاءُ نه وڌو پيو وڃي. جو بائيڊن انتظاميهتھ  ٻه ڀيرا گڏيل قومن ۾ جنگ بندي جي قراردادن کي ويٽو ڪري ڇڏيو ھو.

اهو خيال بھ آھي تھ  ڪجهه عرب حڪمرانن خاموشيءَ سان  ان  جي حمايت ڪئي آهي جنهن کي اسرائيل حماس خلاف جنگ سڏي ٿو. ان کان علاوه عرب ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏا آهن، جن بابت خدشا آهن ته اتان  ئي فلسطينين کي شھيد ڪرڻ  لاءِ اسرائيل کي هٿيارن  جي فراهمي ٿي رھي آھي. انهن ملڪن فوجي اڏن جي استعمال تي پابندي نه لڳائي آھي.

خاص ڳالهه اها آهي ته تازو سربراهه اجلاس ڊونلڊ ٽرمپ جي صدر چونڊجڻ کان ترت پوءِ ٿيو آھي. ڪجهه ميمبر ملڪن ھن جي فتح کي ساراهيو آھي، جنھن سان ڪجھ مبصرن اهو نتيجو ڪڍين ٿا  ته اجلاس جو مقصد ايندڙ آمريڪي انتظاميه ڏانهن پيغام موڪلڻ هو.خيال آھي تھ  ’عالمي اتحاد‘  نئين ٽرمپ انتظاميه مان اميدون ڪري رهيو آهي، ته اهو اسرائيل کي قائل ڪندو ته هو جنگ بندي تي راضي ٿي وڃي ۽ فلسطيني رياست جي قيام کي تسليم ڪري.

مثال طور، اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾، پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اميد ظاهر ڪئي ته نئين آمريڪي انتظاميه "وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي”. سندس بيان مان ظاهر ٿيو ته ڄڻ  ھن کي  وچ اوڀر بابت ٽرمپ جي سخت حڪمت عملي جو  ادراڪ ئي نھ  آهي. اھڙي نئين چونڊيل صدر مان  اميد رکڻ  جيڪو بائڊن کان وڌيڪ اسرائيل جو حامي آهي بلڪل حقيقي ناهي. پنهنجي مهم ۾، ٽرمپ اسرائيل تي زور ڀريو ته هو پنهنجي جارحيت کي ختم ڪري ۽ "ڪم پورو ڪري.” هن بيان ڏنو  تھ هو "اسرائيل ۾ پنھنجي  دوستن ۽ اتحادين جو اھڙو  دفاع ڪندو جھڙو اڳ ۾ ڪنهن به نه ڪيو ھوندو“

اهو ڪيئن وساري سگهجي ٿو ته  پنهنجي صدارت جي دور ۾ ھن آمريڪي قونصل خاني کي والاريل يروشلم  ۾ منتقل ڪيو هو؟ اهو قدم  مسلمان  ملڪن جي لاءِ مقصس ترين ماڳن ۾ شامل  يروشلم شھر کي  اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ تسيلم ڪرڻ جي برابر ھو. حالانڪ آمريڪا ھن کان اڳ ۾ ان کي راڄڌاني طور تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪو هو. پنهنجي اڳوڻي صدارت دوران، ٽرمپ والاريل  ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي آبادين جي بھ حمايت ڪئي ھئي، جيڪو بين الاقوامي قانون تحت غير قانوني آهن. نام نهاد  ’ معاھدي ابراهم‘ تحت، ٽرمپ اسرائيل جي مدد ڪئي تھ  اھو  متحده عرب امارات، بحرين ۽ مراڪش سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪري.

جيتوڻيڪ سعودي عرب اهڙو ڪو معاهدو نه ڪيو آهي، پر هن سلامتي ۽ اقتصادي فائدن لاءِ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي . ساڳئي وقت، هن زور ڏنو ته فلسطيني رياست کان سواءِ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم نه ڪندا. ڪجهه تجزيه ڪندڙن جو خيال آهي ته رياض سربراھي اجلاس ايندڙ ٽرمپ انتظاميه کي واضح اشارو ڏنو آهي ته اھي خطي ۾آمريڪي مفادن جي لاءِ  ھڪ مضبوط پارٽنر طور عرب ملڪن  تي ڀروسو ڪري سگھي ٿي، اجلاس ۾ آمريڪا تي زور ڏنو ويو ته هو جنگ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري.

پر هڪ ڳاله تھ بلڪل چٽي آهي ته ايندڙ ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميا فلسطيني رياست جي قيام لاءِ زور نه ڏيندي جيئن  ’عالمي اتحاد‘ سوچي ويٺو  آهي. وچ اوڀر جي تڪرار تي سندس تازي بيانن ۾ ٻه رياستي حل جو ذڪر نه ڪيو ويو آھي. اليڪشن کٽڻ کانپوءِ  ٽرمپ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اسرائيلي وزيراعظم سان ڳالهايو آهي. تنهن ڪري ٽرمپ جي چونڊجڻ  بعد ساڄي ڌر جي اسرائيلي حڪومت مان  جنگ جي  حوالي سان  سخت موقف اختيار ڪرڻ حيراني واري ڳالھ نھ آھي.

پنهنجي تازي بيان ۾، اسرائيلي پرڏيهي وزير گيڊون سار، فلسطيني رياست جي قيام جي مخالفت ڪئي ۽ ان کي ‘غير حقيقي’ قرار ڏنو. جنهن طريقي سان عرب ۽ مسلمان ملڪ هٿ تي هٿ رکي ويٺا آهن، ان سان فلسطينين جي حالت کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قرارداد ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته عرب ۽ مسلمان ملڪن جو اسرائيل ۽ ان جي اتحادين تي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ معاشي دٻاءُ وجهڻ جو ڪو به ارادو نٿا رکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.