دبئي( ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جا نشرياتي حق خريدڻ واري ڪمپني جو صبر جواب ڏئي ويو .
ذريعن موجب، براڊ ڪاسٽرز آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول ترت جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي براڊ ڪاسٽرز کي 2027ع تائين جا نشرياتي حق 3 ارب ڊالرز ۾ ڏنا هئا ۽ آءِ سي سي طرفان سرڪل ۾ پاڪ-ڀارت ميچون لازمي هئڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي.
ذريعن موجب، ڀارتي ٽيم جي پاڪستان اچڻ کان انڪار بعد ائين ٿيندي نظر نه پيو اچي ڇو ته براڊ ڪاسٽرز کي سڀ کان وڌيڪ منافعو پاڪ-ڀارت مقابلن ذريعي ئي ٿيندو آهي.
شيڊول جي اعلان ۾ دير سبب براڊ ڪاسٽرز جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ براڊ ڪاسٽرز آءِ سي سي کان ٽورنامينٽ شيڊيول جي فوري اعلان جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته ڀارت، پاڪستان ۾ رٿيل چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ واري پنهنجي موقف تي سختي سان قائم آهي.
پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ آءِ سي سي کي سخت ڏکيائين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ تي مائنس ڀارت چيمپيئنز ٽرافي تي به غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like