هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر ۽ حوالدار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته بهادري سان وڙهندي ميجر محمد حسيب ۽ حوالدار نور احمد شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز کي اطلاع مليو ته دهشتگرد هرنائي ۾ موجود آهن ۽ دهشتگردي جي رٿابندي ڪري رهيا آهن، دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ميجر محمد حسيب جي قيادت ۾ فوري طور سيڪيورٽي فورسز کي علائقي ۾ موڪليو ويو، جنهن تي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي ۽ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪارروائي دوران ميجر محمد حسيب ۽ حوالدار نور احمد شهادت ماڻي، 28 ورهين جي ميجر محمد حسيب جو واسطو ملتان ۽ 38 ورهين جي حوالدار نور احمد جو واسطو بارکان سان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.