ميڪسويل جي بيٽنگ ميچ ۾ فرق پيدا ڪيو: محمد رضوان

برسبين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان جو آسٽريليا خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست کانپوءِ چيو ته ميسڪويل جي اننگز ميچ ۾ فرق پيدا ڪيو، برسات اسان جي ڪنٽرول ۾ ناهي، اسان پوري ڪوشش ڪئي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ اڄ برسبين ۾ کيڏي وئي، برسات سبب متاثر ميچ ۾ آسٽريليا، پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست ڏني.
ميچ کانپوءِ قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڄي ميچ انتهائي تيزيءَ سان ٿي، ميڪسويل جي ڏاڍي سٺي بيٽنگ ڪئي، پنهنجي بالرن تي پورو اعتماد آهي.
محمد رضوان چيو ته ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو انڪري ڪيو ته آسٽريليا کي گهٽ کان گهٽ رنسن تان محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
هن چيو ته بالرن پنهنجو سئو سيڪڙو ڏنو، ٽيم ۾ ڪجهه ڪمزوريون آهن، جڏهن کٽيندا آهيون تڏهن به غلطيون نوٽ ڪندا آهيون.
هن چيو ته برسات اسان جي ڪنٽرول ۾ ناهي، بالرن هميشه پرفار ڪيو آهي ۽ بيٽرن به هر واري سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.