بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ممبئي پوليس جوابدار کي ڀارتي رياست ڇهتيس ڳرهه مان گرفتار ڪيو، جوابدار شاهه رخ خان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندي پنجاهه هزار ڀنگ جو مطالبو ڪيو هو.
رپورٽس موجب، شاهه رخ خان جي شڪايت تي ڀتا خوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، گرفتار جوابدار فيضان پروفيشنل وڪيل آهي جنهن اداڪار مٿان فرقيواراڻي دشمني ڀڙڪائڻ جو الزام لڳائيندي باندره پوليس اسٽيشن ۾ شاهه رخ خان خلاف ڪيس به داخل ڪرايو هو.
جوابدار اداڪار جي 1993ع ۾ رليز ٿيل فلم ” انجام“ جو حوالو ڏنو جنهن ۾ شاهه رخ خان کي هڪ هرڻ جو شڪار ڪندي ڏيکاريو ويو.
فيضان دعويٰ ڪئي ته فلم جي ان منظر سبب بشنوئي برادري جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا ڇو ته بشنوئي برادري هرڻ کي پنهنجي مذهبي روايت طور عزت ڏئي ٿي.
جوابدار موجب، سندس تعلق رجسٿان سان آهي ۽ بشنوئي برادري جي ماڻهن سان سندس گهرا لاڳاپا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هرڻ جي حفاظت ڪرڻ بشنوئي برادري جي مذهبي فرض آهي، جيڪڏهن ڪو مسلمان هرڻ بابت ڪجهه به چوندو ته اِهو قابلِ مذمت آهي، انڪري شاهه رخ خان کي موتمار ڌمڪي ڏني.
Prev Post
You might also like