مشهور اداڪار آپگهات ڪري ڇڏيو

سيول (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ ڪوريا جي مشهور اداڪار سونگ جاءِ رم آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڏکڻ ڪوريا جي راڄڌاني سيول جي اپارٽمينٽ مان 39 ورهين جي اداڪار جو لاش هٿ آيو آهي.
پوليس موجب، لاش جي ڀرسان ٻن صفحن تي ٻڌل خط به مليو آهي جنهن ۾ آپگهات جا سبب ڄاڻايا ويا آهن.
پوليس اداڪار جي آپگهات بابت تفصيل اڃا تائين جاري ناهن ڪيا، جڏهن ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران مرحوم اداڪار جي دوستن، مٽن مائٽن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي ڪورين ڊراما انڊسٽري طرفان اداڪار جي آپگهات تي ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي، سونگ جاءِ رم ڪيئي مشهور ڪورين ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.