فواد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
فواد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کان معافي گهرندي لکت معافي نامو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.