چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت کان انڪار، اُهو قانون جيڪو ڀارت کي بچائي رهيو آهي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار بعد ميگا ايونٽ غير يقيني جو شڪار ٿي ويو آهي.
هڪ پاسي هائبرڊ ماڊل جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حڪومتي هدايتن تي آءِ سي سي کي خط لکي ڀارت کان انڪار جو جوڳو جواز پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هونئن ته ماضيءَ ۾ به پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ رهي آهي، پر نومبر 2008ع ۾ ممبئي حملن کانپوءِ ڀارت، پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ٻئي ٽيمون رڳو آءِ سي سي ٽورنامينٽس ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون آهن.
ان دوران پاڪستان 2011ع واري عالمي ڪپ جو سيمي فائنل ڀارتي شهر موهاليءَ ۾ ڀارت خلاف کيڏيو، 2012ع ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ ڀارت جو دورو ڪيو، 2016 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت وئي ۽ 2023ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ به وڃڻ راضپو ظاهر ڪيو.
سوشل ميڊيا تي هڪ سوال جيڪو بار بار ورجايو پيو وڃي ته ڇا ڀارت جي اوچتو پاڪستان جي دوري کان انڪار تي آءِ سي سي ڪا ڪارروائي ڪندو؟
ڪرڪيٽ تجزيي نگارن موجب، ڀارت آءِ سي سي جي ظابطن موجب، ” فورس ميجور “شق جي بنياد تي ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ شرڪت کان انڪار ڪري سگهي ٿو.
آءِ سي سي ظابطن موجب، ” فورس ميجور “ شق حقيقت ۾ اهڙين واقعن يا عملن تي ٻڌل آهي جنهن تحت ڪو ملڪ ڪنهن سيريز يا ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو.
ان شق تحت ڪا به ڪارروائي جيڪا حڪومت يا ڪنهن سرڪاري اٿارٽي طرفان ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ اجازت نه ڏيڻ يا ڪنهن به قسم جي منظوري، ڇوٽ يا ڪا به پابندي شامل هجي ته اِها ” فورس ميجور “ جي دائري ۾ ايندي يعني ان کي سيريز يا ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو ” قبول ڪرڻ جوڳو “ سبب سمجهيو ويندو.
واضح رهي ته ماضيءَ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي عورتن جي هڪ سيريز جيڪا سال 2021ع ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول هئي ان جون پوائنٽون ٻنهي ٽيمن ۾ ورهايون ويون، ان تحت ڀارت ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو هو.
تنهن وقت آءِ سي سي طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو هو ته ” ٽيڪنيڪي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ڇو ته ڀارت پاڪستان سيريز هڪ ” فورس ميجور “ شق جي بنياد تي نه ٿي سگهي، بي سي سي آءِ کي حڪومت طرفان ٽيم پاڪستان موڪلڻ لاءِ اهم ڪليئرنس نه ملي سگهي، انڪري سيريز جون پوائنٽس ٻنهي ٽيمن ۾ ورهايون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.