آئيني بئنچ گهٽ ۾ گهٽ 5 ججن تي ٻڌل هوندي، ڪيسن جي درجابندي ۽ ”ڪلر ڪوڊنگ“ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جوڙڻ لاءِ جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ آرٽيڪل 191 اي تحت ڪيسن کي ڪلر ڪوڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جسٽس امين جي  چيمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ آئيني بينچن جي ڪم ۽ طريقيڪار سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ التوا هيٺ آئيني ڪيسن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته آرٽيڪل 184 جي سب شق ون، آرٽيڪل 184 جي سب شق 3 جا ڪيس التوا ۾ آهن ۽ آرٽيڪل 186 سميت انساني حقن جا ڪيس به التوا ۾ آهن، اجلاس ۾ 26هين ترميم کانپوءِ آرٽيڪل 191 اي تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سينيئر ريسرچ آفيسر مظهر علي خان کي آرٽيڪل 199 جي ڪيسن جي ڇنڊڇاڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيسن جي شيڊيولنگ ​​۽ بينچن جي سيٽنگ 2 سينيئر ميمبرن جي مشاورت سان ڪئي ويندي ۽ ڪورٽ روسٽر جاري ڪرڻ ۽ هفتي جي ڪيسن جو فيصلو به 2 سينيئر ميمبرن جي مشاورت سان ڪيو ويندو، پڌرائي موجب جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ڪميٽي هڪ آئيني بئنچ جوڙيندي ۽ ايندڙ اجلاس بعد ۾ شيڊيول جاري ٿيندو، ٽي رڪني ججز ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ 5 ججن تي ٻڌل آئيني بئنچ ٺاهيندي، جڏهن ته هڪ ميمبر جج پرڏيهه ۾ آهي، ان جي واپسي بعد ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، بيان ۾ چيو ويو ته 6 نومبر جي آئيني بئنچ بابت اجلاس جا منٽس جاري ڪيا ويا، ڪميٽي ميمبر جسٽس جمال خان مندوخيل جي غير حاضري سبب 6 نومبر جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.