لاهور ( بيورو+م ڊ ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجلي جي سياري پيڪيج جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻايو ويو، شهباز شريف جا مهانگائي گهٽائڻ جا دعوا ڪوڙ آهن، سندس سموري حڪومت ڪوڙ ۽ فارم 47 تي ٻڌل آهي. اشرافيه ٽيڪس نه ٿا ڏين ۽ غريبن ۽ پورهيتن جو رت نچوڙيو پيو وڃي. جماعت اسلامي جمهوري پارٽي آهي، ملڪ ۾ ٻي ڪا به پارٽي جمهوري ناهي، هتي پارٽيون مراعتون، وراثت ۽ ون مين شو تحت آهن.جيڪي جماعت اسلامي جو ساٿ نٿا ڏين، اهي نٿا چاهين ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف حڪومت قائم ٿئي، جماعت اسلامي الله جي دين جي سربلندي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ميمبر سازي مهم جاري آهي، قوم کي اپيل آهي ته تحريڪ جو حصو بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ٽائون لاهور ۾ ڊنر تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل امير العظيم، سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف، امير جماعت اسلامي پنجاب سينٽرل جاويد قصوري، امير لاهور ضياءُ الدين انصاري ايڊووڪيٽ به موجود هئا، امير جماعت اسلامي چيو ته حڪومت چئي رهي آهي ته مهانگائي گهٽ ٿي آهي، هي ماڻهو مهانگائي ۾ گهٽتائي جو اندازو ان طرح لڳائي رهيا آهن ته گذريل نومبر ۾ 100 رپين جي شين تي 20 رپيا مهانگو هو، هن سال 18 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي. 120 رپين جي هڪ شيءِ جو اگهه 100 کان 138 تائين پهچي ويو، شهباز شريف موجب مهانگائي گهٽ ٿي، هن وٽ حڪومتي اشارا آهن.جيڪڏهن مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي ته صنعت ۽ واپار، بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه ڇو نه گهٽيا پيا وڃن؟ ماڻهو ڇو پريشان آهن؟ آءِ پي پيز کي ڪيپيسي چارجز جي مد ۾ هزارين ارب رپيا ڏنا پيا وڃن،