مائيڪ پومپيو کي شامل نه ڪرڻ پاڪستان حڪومت لاءِ خراب ؟

واشنگٽن(م ڊ/ جهانگير خٽڪ) آمريڪي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اڳوڻي سفير ۽ ريپبلڪن صدارتي اميدوار نڪي هيلي ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو کي حڪومت ۾ شامل نه ڪيو ويندو. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو اڳوڻي سفير نڪي هيلي يا سيڪريٽري پومپيو کي فارميشن تحت ٽرمپ انتظاميه ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت نه ڏئي رهيو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ٻنهي سان گڏ ڪم ڪندي سٺو وقت گذريو آهي ۽ ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن تي ٻنهي جو شڪر گذار آهيان. هن سال 20 جنوري تي صدارت جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ، ٽرمپ پنهنجي ڪابينا جي عهدن لاءِ امڪاني اميدوارن سان ملاقات ڪري رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پاران مائيڪ پومپيو ۽ نڪي هيلي کي ڪابينا ۾ نه کڻڻ جو اعلان غير معمولي اعلان آهي. لڳي ٿو ته ٽرمپ جنگجو ذهنيت وارا نه ٿو رکڻ چاهي. ٽرمپ جي مهم ۽ فيصلن جو اهم ماڻهو ڊيوڊ فيڪسٽ سمجهي ٿو ته مائيڪ پومپيو مسئلن جو فوجي حل چاهي ٿو. مائيڪ پومپيو هڪ ڪمپني جي اهم عملدارن ۾ به آهي، جيڪا پاڪستان ۾ آر ايل اين جي منصوبن ۾ حصيدار آهي، يعني پاڪستان جو ويجهو سمجهيا ويندڙ اڳواڻ ٽرمپ ڪابينا ۾ ناهن.  ان کان وڌيڪ اهم خبر ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ تي تنقيد ڪندڙ اڳواڻن کي ڪابينا ۾ شامل نه ٿوڪري، ان ڪري ٽرمپ جي ڪاميابي کان پوءِ عمران کي ٽرمپ سان ڀيٽ ڪري ٽوئيٽ ڪندڙ مريم نواز، احسن اقبال ۽ ٻيا پنهنجا پراڻا ٽوئيٽ هٽائي رهيا آهن پر پي ٽي آءِ اڳواڻ عاطف خان موجب هن وٽ ٽوئيٽ سنڀاليل آهن، اهي ڪنهن به وقت استعمال ڪري سگهجن ٿا. ان کان وڌيڪ اهم معاملو پاڪستان پاران آمريڪا ۾ اثر وڌائڻ لاءِ  آڪٽوبر ۾ آمريڪي لابين جي خدمت حاصل ڪئي، اسٽيون بينڊ جي لابيز سان معاهدي جو انچارج رٽائر ميجر جنرل رضا محمد آهي، هن ڪمپني کي 6 لک ڊالر ڏنا ويا آهن باقي 9 لک ڊالر ڏنا ويندا. ٽرمپ جي ڪاميابي کان پوءِ پاڪستان حڪومت جو معاهدو به بي اثر محسوس ٿي رهيو آهي. هوڏانهن آمريڪا جو افغانستان بابت اهم نمائندو رهندڙ زلمي خليل زاد ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هاڻ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ فورس وغيره پنهنجو اصل پيشوراڻو ڪم ڪن، خاص طور حڪومتي معاملن، اقتصادي فيصلن کان پري رکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.