وٽامن ڊي جي کوٽ جي هڪ ٻئي نقصان جو انڪشاف

وٽامن ڊي کي گھڻو ڪري سن شائين وٽامن به چيو ويندو آهي ڇو جو اسان جو جسم ان کي سج جي روشني مان بڻائڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.
اها وٽامن مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ، هڏن جي صحت ۽ جسم جي ٻين فعلن لاءِ گھڻي اهم آهي.
هاڻي انڪشاف ٿيو آهي ته جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن جو خطرو وڌائي ڇڏي ٿي.
اها تنبيهه سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
واضح رهي ته گھڻن بالغ ماڻهن کي روز 1500 کان 2000 انٽرنيشنل يونٽس وٽامن ڊي جي ضرورت هوندي آهي، سج جي روشني کان هٽي ڪري مخصوص خوراڪ جهڙوڪ مڇي ۽ فورٽيفائيڊ ڊيري شين مان به ان کي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.
سوئس نيوٽريشن اينڊ نيشنل فائونڊيشن جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته وٽامن ڊي جي کوٽ ۽ دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن وچ ۾ واسطو موجود آهي.
ان تحقيق ۾ 5700 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو ۽ انهن کي وٽامن ڊي جي سطح موجود ٽن ڌڙن ۾ ورهايو ويو.
هڪ ڌرو اهڙن ماڻهن جو هو جن جي جسم ۾ وٽامن ڊي جي سطح معمول تي هئي، ٻئي ڌڙي ۾ انهن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جن ۾ اها سطح ڪجهه گھٽ هئي ۽ ٽيون ڌڙو سخت کوت کي منهن ڏيندڙ ماڻهن تي ٻڌل هو.
انهن ماڻهن جي صحت جو جائزو لڳ ڀڳ 14 سالن تائين ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته جسم ۾ وٽامن ڊي جي مناسب سطح سان دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن جو خطرو گھٽجي ويندو آهي.
محققن ٻڌايو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن دل جي صحت جي حوالي سان وٽامن ڊي جي ڪردار بابت ڄاڻي سگھجي.
تحقيق ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته وٽامن ڊي جي کوٽ سان دل جي مرضن جو خطرو ڇو وڌندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل نيوٽريشنز ۾ ڇپيل آهن.
ان کان اڳ به مختلف تحقيقي رپورٽس ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته وٽامن ڊي دل جي صحت لاءِ اهم هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.