ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) وقت سان گڏوگڏ دماغي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ فعال رهڻ، صحتمند غذا جو استعمال ۽ سگريٽ ڇڪڻ کان پاسو ڪرڻ ڊاڪٽرن طرفان ڏنيون ويندڙ تجويزن مان سڀ کان اهم هونديون آهن. پر سائنسدانن هڪ اهڙي غذا جو پتو لڳايو آهي جيڪو دماغي صحت لاءِ فائديمند ٿي سگھي ٿو.
جاپان جي شهر اوبو ۾ قائم نيشنل سينٽر فار جيريئٽرڪس اينڊ جيرونٽولوجي جي محققن 65 ورهين کان وڌيڪ عمر لاءِ 1500 کان وڌيڪ ماڻهن جي صحت ۽ کاڌي جي عادتن جو معائنو ڪيو.
ماهرن جو چوڻ هو ته اهي ماڻهو جن خوراڪ مستقل بنيادن تي پنير تي ٻڌل هئي انهن دماغ جي هڪ ٽيسٽ ۾ بهتر اسڪور ڪيو هو.
سائنسدانن موجب تحقيق جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته اهو ماڻهو جيڪي پنير کائيندا هئا انهن جو دماغ ڪمزور ٿيڻ جا خطرا گهٽ هئا. پنير ۾ امڪاني طور تي اهڙا جُز موجود ٿي سگھن ٿا جيڪي دماغ جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪن پر تحقيق جي نتيجن جي تصديق لاءِ وڌيڪ مطالعن جي ضرورت آهي.
دماغي صحت جي خطرن کي گھٽائڻ لاءِ ماهر مناسب وزن، شراب پيئڻ کان پاسو ۽ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي تجويز ڏيندا آهن. پر ان تحقيق جي محققن اها ڳالهه واضح ڪيئ ته ماضي جي مطالعن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جسماني سرگرمي ۽ ڊيري خوراڪ دماغي صحت جي خراب ٿيڻ ۾ دير ڪري سگھي ٿي يا بچائي سگھي ٿي.
جڏهن ته ٻين مطالعن ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته سويا بين مان ٺهيل شيون، ڀاڄيون، سامونڊي گاهه، کير ۽ ان مان ٺهيل شيون خطرن کي گھٽائين ٿيون.
دماغي صحت ۽ ڊيري شين وچ ۾ واسطو ڄاڻڻ لاءِ محققن جي ٽيم ٽوڪيو ۾ 65 ورهين کان وڌيڪ جي 1504 ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو. انهن ماڻهن کان غذائي عادتن ۽ صحت بابت سوال ڪيا ويا.
ڊيٽا موجب تحقيق ۾ شريڪ تقريبن 80 سيڪڙو ماڻهن جي خوراڪ ۾ پنير شامل هو. 27.6 سيڪڙو ماڻهو روز پنير کائيندا هئا، 23.7 سيڪڙو هر ٻن هفتن ۾ جڏهن ته 29.7 هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا کائيندا هئا.
دماغ جي ٽيسٽ ڪرڻ تي اهي ماڻهو جيڪي پنير کائيندا هئا انهن سراسري طور تي 28 پوائنٽس جڏهن ته جيڪي پنير نه کائيندا هئا انهن 27 پوائنٽ اسڪور ڪيو.