راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪراما ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڪراما ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهڙپ ٿي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بهادري سان وڙهندي 4 جوان به شهيد ٿي ويا، جن ۾ نائب صوبيدار تائب شاهه، لانس نائيڪ گلاب زمان، لانس نائيڪ مزمل محمود، لائس نائيڪ حبيب الله شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
You might also like