چيف جسٽس جو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ 97 ارب رپين جا ٽيڪس ڪيس اڪلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ 97 ارب رپين جا ٽيڪس ڪيس ٻڌڻي هيٺ هجڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٻڌڻي هيٺ ڪيس اڪلائڻ بابت اجلاس ٿيو.
پڌرائي موجب اجلاس ۾ ايف بي آر چيئرمين، اٽارني جنرل، سليم مانڊوي والا ۽ محسن عزيز شرڪت ڪئي.
چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ 97 ارب رپين جا ٽيڪس ڪيس ٻڌڻي هيٺ هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن سپريم ڪورٽ ۾ 3 هزار 496 ٽيڪس ڪيس ٻڌڻي هيٺ هجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي وڏي عرصي کان ٻڌڻي هيٺ ڪيس اڪلائڻ جو فيصلو ڪيو.
پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ رجسٽرار، ايف بي آر اختيارين ۽ معاشي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا ڪيس جلد اڪلائڻ بابت تجويزون پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.