اسرائيل جو جديد جنگي جهازن لاءِ آمريڪي ڪمپني سان معاهدو

اسرائيل جديد آمريڪي جنگي جهازن لاءِ آمريڪي ڪمپني سان 5.2 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪري ورتو.
معاهدي تحت اسرائيل آمريڪي ڪمپني بوئنگ کان 25 جديد ايف 15 جنگي جهاز حاصل ڪندو.
اهو معاهدو هلندڙ سال اسرائيل لاءِ منظور ڪئي ويندڙ آمريڪي امداد جو حصو آهي.
معاهدي تحت اسرائيل کي جديد ايف 15 جهاز جي فراهمي 2031 ۾ شروع ٿيندي ۽ هر سال 4 کان 6 جهاز فراهم ڪيا ويندا.
اسرائيلي بچاءَ واري وزارت موجب نوان جهاز وڌيڪ ڊگهي اڏام ڪري سگهندا ۽ وڌيڪ گولا بارود کڻي وڃي سگهندا.
واضح رهي ته آمريڪا 7 آڪٽوبر 2023 تي غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي شروعات کان هيل تائين اسرائيل کي 40 ارب ڊالرن جا هٿيار فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.