ڪاملا هيرس جي ڪاميابي لاءِ ڀارتي عوام جي دلچسپي جو ڪارڻ

آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪاملا هيرس جا حامي رڳو آمريڪا ۾ ھن جي ڪاميابي لاءِ دعا نھ پيا گھرن ،پر هندستان  ڏاکڻي ڀاڱي  جي رياست تامل ناڊو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٿولا سندراپورم ۾ پڻ ھن جي فتح لاءِ دعائون گھريون پيون وڃن.

ريپبلڪن اميدوار  ڪاملا هيرس جو مقابلو ڊيموڪريٽڪ اميدوار اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان آھي. ھندستان جي ان ڳوٺ جي ڪئين مندرن ۾ پوڄا جو سلسلو ڪافي ڏينھن کان  جاري آهي.مندر ۾ هڪ پٿر تي، ڪملا هيرس جي ناني جو نالو هن مندر لاءِ عطيو ڏيندڙن جي فھرست ۾ لکيل آهي.مندر جي ٻاهران هڪ وڏو بينر لڳل آهي جنهن تي لکيل آهي ته ”اسان ڌرتي جي ڌيئرن جي اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون“.ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ کي ھاڻوڪي پوڄا ۽ ڪاملا ھيرس جي ڪري  گهڻي شهرت  ملي رھي آهي.

ڪاملا ھيرس جو نانو ،پي وي گوپالن هڪ صدي کان به اڳ ٿولاسندراپورم ڳوٺ ۾ پيداٿيوھو. جيڪو بعد ۾ ساحلي شهر چينائي ڏانهن لڏي ويو ھو.جتي هن پنهنجي رٽائرمينٽ تائين هڪ اعليٰ سرڪاري آفيسر طور ڪم ڪيو.

ڪاملا هيرس جي ماءُ شياملا گوپالن چينائي ۾ پيدا ٿي هئي.هن 19 سالن جي عمر ۾ 1958ع ۾ آمريڪا لڏي وڃڻ کان اڳ دهلي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي ھئي.

شيامالا گوپالن يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ بريسٽ ڪينسر جي تحقيق ۾ پنهنجو نالو ڪمايو.شيامالا جي شادي 1963ع ۾ ڊونلڊ هيرس سان ٿي، جيڪو جمائيڪا جو ھو ۽ ھن جو ڪاليج  ۾ ساٿي هو.

ڪاملا هيرس ۽ سندس ننڍي ڀيڻ مايا آمريڪا ۾ پيدا ٿيون  ۽ اتي وڏيون ٿيون. ڪاملا هيرس اڪثر پنهنجي ماءُ کي پنهنجو آئيڊيل قرار ڏئي ٿي.ٿولاسندرا پورم جي ڳوٺ کي بين الاقوامي شھرت تڏھن ملي جڏھن  ڪاملا هيرس آمريڪا جي نائب صدر چونڊي وئي.

ڪاملا جي ماءُ 2009ع ۾ ڪينسر وگهي فوت ٿي وئي ۽ هوءَ هندو رسمن موجب پنهنجي ماءُ جي رک  دفن ڪرڻ لاءِ چينائي آئي ھئي.ڪاملا هيرس ننڍپڻ ۾ ھندستان جي دوري کي ياد ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ناني جو هٿ پڪڙي سمنڊ جي ڪناري تي گھمندي ھئي.هن چيو هو ته ”مون کي ياد آهي ته ان سئر وقت منهنجي ناني نه رڳو مون کي جمهوريت جو مطلب ٻڌايو ھو. ننڍپڻ ۾ ان سبق  سکڻ سبب منهنجي دل ۾ عوامي خدمت جو جذبو ۽ دلچسپيءَ پئدا ٿي ھئي.جيتوڻيڪ ڪاملا هيرس پنهنجي چونڊ مھم دوران تقريرن ۾ ان ڳوٺ جو ذڪر نه ڪيو هو، پر ٿولا سندراپورم جا رهواسي سندس فتح لاءِ دعائون گهري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.