اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان پنهنجي عدالتي اهڃاڻ واري مورتيءَ ۾ تبديلي آڻيندي، مورتيءَ جي اکين تي ٻڌل ڪاري پٽي هٽائي ڇڏي آهي. رڳو ان لاءِ ته ماڻهن جي ذهنن مان اها ڳالھه ميسارجڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته قانون انڌو آهي. مڃئون ٿا ته اسان وٽ ماڻهو متان قانون کي انڌو نه سمجهندا هجن پر پوءِ به کيس ٻوڙو ضرور سمجهن ٿا،تنهنڪري اسان کي به پنهنجي عدالتن ۾ اهڙي قسم جي هڪڙي مورتي ٺهرائي رکڻ گهرجي جنهن مورتيءَ جي اکين تي وڏي عينڪ، ڪنن ۾ ٻڌي سگهڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ وارا آلات ۽ هٿ ۾ لالٽين جهليل هجي، جيئن اسان جي عوام کي به اهو احساس ٿئي ته اسان وٽ به عدالتي نظام هاڻي هر لحاظ کان بهتر ٿيڻ لڳو آهي.
اسان جي ملڪ ۾ عدالتي نظام تي ڳالهائڻ نانگن سان راند کيڏڻ برابر آهي، ڀلي ته کڻي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار احمد چوڌري ڪهڙا به ڪارناما سرانجام ڏنا، عمر عطا بنديال کڻي ڪجھه به ڪيو پر اهي اسان جي عدالتي نظام جا هيروز آهن،جن خلاف ڪجهھ به ڳالهائڻ ملڪ دشمني ۽ ڪبيرو گناھ آهي.باقي پاڻ ٿورو کڻي جائزو وٺي معزز ججن ۽ اسان جي ڳوٺاڻي نظام ۾ ڪن عام ۽ معمولي چڱن مڙسن وٽ ٿيندڙ فيصلن جي ڀيٽ ڪيون ته ڪجھ اڪابر ججن ۽ اڪثر اڪابر وڏن لٺ سردارن جي فيصلن ۾ ساڳئي مطابقت نظر ايندي، جو فيصلو ان جي حق ۾ تڪڙو ڏنو ويندو جيڪو چانهھ ۾ کنڊ ملائي ڳارڻ کان واقف هوندو. جيتوڻيڪ انهن جي ڀيٽ ۾ معمولي چڱن مڙسن جي فيصلن ۾ ڌرين کي انصاف به مليل نظر ايندو ته هر معاملي ۾ کين ملندڙ برابري به نظر ايندي.
ناانصافيون اسان جي سماج کي اڏوهي جيان اندران ئي اندران کائي رهي آهي، اڪثر هنڌين اسان جي ملڪ اندر قائم ادارن ۾ لساني فرق رکي يا رشوت ۽ سفارش جي بازار مان گذرندي کوڙ سارن بي پھچ، ننڌڻڪن فردن سان ناانصافيون ٿينديون رهن ٿيون، پر جيڪڏهن ان معاملي ۾ صوبن اندر ٿيندڙ ناانصافين جو تقابلي جائزو وٺجي ته اسان کي سنڌ صوبو خاص طور ان حوالي سان ٻين سڀني صوبن کان يقينن اڳڀرو ئي نظر اچي ٿو. هتي هر ناانصافي جو بار وفاق جي تعصبانه روش تي اڇلائي وري ٻيون سورنهن ناانصافيون پنهنجي پاران ڪري ڇڏڻ کان ڪير به هرگز ڪيٻائي نٿو. اهڙو هڪ مثال رڳو کڻي ملڪ اندر ٿيندڙ ميڊيڪل ڪاليجن جي داخلا خاطر وٺجندڙ ٽيسٽن جو ورتو وڃي ته صاف ڏسجي ٿو ته گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ جي مسڪين شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڊگهي فهرست موجود آهي.
هن معاملي ۾ وفاقي سطح تي جڏهن پهرين انصافي ٿي ته سنڌ حڪومت پنهنجي پاران ردعمل ڏيکاريندي ڊائوميڊيڪل يونيورسٽي کي ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ وٺڻ جو اختيار سونپيو، پر 2022ع ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ هتي به بگاڙ پيدا ٿيو، وري 2023ع ۾ به پيپر وڪرو ٿيڻ جا ثبوت سامهون آيا، تڏهن اسان چيو ته ٻيهر پيپر نه ورتو وڃي بلڪ انهن شاگردن کي نااهل ڪيو وڃي جن پيپر خريد ڪري ميرٽ جو جنازو ڪڍڻ ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي، اسان اهو به چيو ته پيپر وڪرو ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته يقينن وري اهڙي ڪڌي حرڪت وري ڪير به نه ڪندو. اسان جو موقف ان وقت به وري ٽيسٽ وٺڻ جي سخت مخالفت وارو هيو،ڇوجو اسان کي يقين هيو ته ملهھ مهانگو ضرور ٿيندو وري به ميرٽ جي منهن تي دانگي سان گڏ ڪارو تيل ۽ تئو مليو ويندو ۽ سڀني ڏٺو ائين ئي ٿيو. ميرٽ کي مات ملي، نااهلي کي هار پارايا ويا، ڏني ۽ صابو ٻئي هار پائي، هار پارائي خوش ٿي ويا.
سلسلو اتي نه روڪيو ويو، سلسلو جاري، رهيو ته هن ڀيري جڏهن وري ٽيسٽ ورتي وئي تڏهن ته اڃا به ڪنهن وڏي ڊرامائي انداز ۾ لکيل اسڪرپٽ کي ورجايو ويو. ٽيسٽ وٺڻ کان اڳ رات جو 12 بجي ويجهو هڪ پيپر سوشل ميڊيا تي آئوٽ ڪيو ويو، جنهن جو مقصد قوم کي ٽرڪ جي بتي پويان ڪڍ لڳائڻ هيو، وري ٻيو پيپر ڪجھ دير جي وٿي بعد آئوٽ ٿيو ۽ ٽيون پيپر ذريعن موجب رات جو ساڍي ٽين بجي جي ويجهو آئوٽ ٿيو جيڪو پنهنجن لاڏلن گراهڪن کي ڪهڙي وقت ڏنو ويو هيو اها ته خبر ناهي، پر اها به خبر ناهي ته اهو پيپر ڪيتري اصليت وارو هيو ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ اهو پڻ آئوٽ ڪيو ويو، اها خبر صرف هن اسڪرپٽ جي لکندڙن کي ئي آهي.
هن اسڪرپٽ جي ڊائريڪشن ڪندڙن شايد هن ڀيري به اهو ئي سوچي رکيو هوندو ته وري به کين ملهھ مهانگو ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو، پر هاڻي ڪيس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ سندس ساٿي جج تي ٻڌل رڪني بئنچ وٽ پهتل آهي، ٻنهي لائق ججن ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سخت ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو آهي. عدالت ڪيس بابت ٻڌڻين دوران سنڌ حڪومت کي انڪوائري ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو هيو، ان جڙيل انڪوائري ڪاميٽي جيڪا شروعاتي رپورٽ ڏني آهي ان طرفان پڻ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيپر ليڪ ٿيڻ جون شاهديون کين مليون آهن، جنهن بعد عدالت سڳوري اهو تڪڙو حڪم به ڏنو آهي ته آءِ بي اي ڪراچي ۽ سکر پاران هڪ مهيني اندر ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ٻئي طرف اهو به چيو ويو آهي ته پيپر ليڪ ڪندڙن جي خلاف انڪوائري جاري رکي وڃي جيئن انهن کي ڪيفرڪردار تائين پڄائي سگهجي.
اسان معزز ججن جي ٻنهي حڪمن سان متفق آهيون ۽ سندن سچائي کي به ساراهيون ٿا، پر گڏوگڏ سندن ڌيان ان خاص نقطي طرف ڏيارڻ چاهيون ٿا ته جوڙيل انڪوائري ڪاميٽي جي سمورن ميمبرن توڙي ونگن کي پابند بڻايو وڃي ته اها فقط اهي انتظامي هٿ ڳولي عدالتي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاري جن پيپر وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪيو آهي. ڇوته پيپر خريد ڪندڙ شاگرد ته عدالت سڳوري جي هن فيصلي تحت ئي ڪيفرڪردار کي پهچي ويا آهن، ڇو ته انهن جا ڏنل پئسا به لڙهي ويا ۽ آءِ بي اي طرفان وٺجندڙ ٽيسٽ به سئو فيصد پڪ سان اهي شاگرد مڙئي پاس به ڪونه ڪري سگهندا.
ها تنهنڪري اهو عمل پڻ هڪدم روڪيو وڃي جو انڪوائري ڪاميٽي هٿان نانگ کي ته نڪرڻ جو موقعو فراهم ٿيڻ جو انديشو پيو ڏسجي، پر انڪوائري ڪاميٽي هاڻي ئي پيٽو ڪٽڻ واري ڪرت سان لڳي ويل پئي ڏسجي. اهو نٿو سوچيو وڃي ته جن اميدوارن ٽن چئن سالن کان وٺي پئي ٽيسٽون ڏنيون آهن، انهن کي هرڀيري رشوتي نانگن پاران ڏنگي ميرٽ واري ڏاڪڻ تان ڌڪو ڏئي پئي هيٺ اڇلايو ويو آهي، اهڙي صورتحال بعد به انڪوائري ڪاميٽي پاران انهن مسڪينن کي انڪوائري جي آڙ ۾ ڪراچي گهرائڻ، پريشان ڪرڻ جو مطلب هوندو ته ڪنهن به ريت انهن اميدوارن کي ڊپريشن ۾ مبتلا ڪري وري ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ کين مفلوج بڻائڻ دراصل ڳجهي سازش جو ئي حصو آهي ته جيئن پئسا ڀري ايندڙ هن ڀيري ڀلي ته گهٽ اسڪور کڻي، مڙئي پاس ٿي به اڳتي نڪري وڃي ڊاڪٽر ٿين ۽ نااهل ڊاڪٽرن پيدا ڪرڻ واري فيڪٽري کي تالو نه لڳي. هاڻي به تالو لڳل هجي ته ميرٽ کي ئي لڳل هجي. قسمت کي قيد ڪڙن ۾ جڪڙجي ته اها قسمت مسڪينن جي ئي هجي