75 سالن کان پينڊنگ آئيني ترميم

تحرير; امر جليل

ٻڌو آھي تھ وري آئيني ترميمون  ٿيڻ واريون آهن. ٻڌو آھي تھ وڏي محنت سان تجويز ڪيل ترميمون  غور ويچار ھيٺ آھن.ٻڌو آھي تھ انھن ترميمن جي تعميل ۽ تڪميل کانپوءِ ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.مينھن ۽ وائڙا ڪتا ھڪ ئي گھاٽ تان پاڻي پيئندا. ڪارو ٻڪر ڪاريگري ڪري شينهڻ سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. آءِ ايم ايف اسان کي قرض ڏيڻ بدران اسان کان مالي امداد وٺي غريب ۽ مسڪين ملڪن کي امداد ڪندو. انگلينڊ جو بادشاهه ڪينسر جي علاج ڪرائڻ لاءِ لاهور ايندو. اهي سڀ ٻڌل ٻڌايل ڳالهيون آهن. ٻڌو آھي ته ترميمن  جي تعميل ۽ تڪميل بعد ماڻهو بيٺي بيٺي،ليٽي ليٽي،ُستي ُستي، ڪم تي ويندي ۽ ڪم تان ايندي اوچتو ُپراسرا طور تي  غائب ٿيڻ ڇڏي ڏيندا.

ڪجهه وقت اڳ جي ڳالھھ آھي، پر اها  ُٻڌل ُٻڌايل ڳالهھ نھ آھي. اکين ڏٺي ڳالهھ آھي.مان ۽ منهنجو دوست دمڙي لال، برنس روڊ تي گول گپا کائي  رهيا هئاسين. ريڙھي  جي چوڌاري ماڻهن جو ميڙ هو.مان ۽ دمڙي لال گول گپن جون ٽي پليٽون چٽ ڪري چڪا ھئاسين.گول گپن جي چوٿين پليٽ وٺڻ لاءِ جڏھن مون ريڙھي واري ڏانھن ھٿ وڌايو تھ دمڙي لال پنھنجو هٿ نه وڌايو. مون منهن ڦيري دمڙي لال ڏانهن ڏٺو. دمڙي لال اتي موجود نه هو. ُهو ُپراسرار طور گم ٿي چڪو هو. عمر جي لحاظ کان، مان 90 جي چائنٺ تي بيٺو آهيان.دمڙي لال ائين گم ٿيو جو وري واپس موٽي نھ آيو. ٻڌو آهي ته 27، 28 ۽ 29  هين آئيني ترميمن کانپوءِ دمڙي لعل جهڙا ماڻهو غائب ٿيڻ ڇڏي ڏيندا. دمڙي لعل جهڙا ماڻهو پوليس مقابلن ۾ ماريا ويندا. ٻئي ڏينهن انھن جي ڪارن ڪرتوتن جي باري ۾ ڀرپور پريس ڪانفرنس ۾ انڪشاف در انڪشاف ڪيا ويندا.

آئيني ترميمون  گھڻو ڪجھ بدلائي ٿيون ڇڏين. توهان پنھنجي ڦٽيچر موٽرسائيڪل تي مزي سان جھومندي ون وي روڊ تي وڃي رھيا ھوندا.اوچتو توهان جي نگاھ سامھون ايندڙ  تيز رفتار پجيرو تي پوي ٿي. توهان کي گھٻرائڻ جو بھ وقت نھ ٿو ملي.پجيرو توهان کي چيڀاٽي اڳيان نڪري وڃي ٿي. توهان انھيءَ ھنڌ في الفور فور شهيد ٿي وڃو ٿا.وڏي صاحب جي ولي عھد جي عدالت  نفسيات مريض ٻڌائي ڪري لاپراوھي ۽ غلط پاسي کان ايندڙ موٽرسائيڪل سوار کي شھيد ڪرڻ جي الزام مان بري ڪري ٿي ڇڏي.

اهڙي ئي ھڪڙي ڪيس ۾پٺئين سيٽ تي ويٺل ڊرائيورايڪسيڊنٽ جي ذميواري پنھنجي پاڻ تي کڻي ٿو وٺي.عدالت ولي عھد کي الزام مان باعزت بری ڪري ٿي ڇڏي. 27هين، 28هين، 29هين ۽ 30هين آئيني ترميمن جي تڪميل کانپوءِ توھان ملڪ ۾ قدم قدم تي ڪرشما ڏسندا.

اسان فقير ڏاڍاي نرڄي قسم جي شيءَ ھوندا آھيون،لک ڌتڪارڻ  بعد بھ اسين ھيڏانھن کان ھوڏانھن نھ ُچرندا آھيون.”معاف ڪجو بابا“ اهو ھڪ جملو ٻڌندي ٻڌندي اسين پوڙها ٿي چڪا آهيون. اسين چئون ٿا "معاف ڪرڻ واري اللھ سائين جي ذات آهي، اسين فقير ڪنھن کي ڪھڙو معاف ڪنداسين“

” تھ پوءِ اسان  جي جان ڇڏيو“.

”اسين مال ملڪيت نھ ٿا چاهيون. توھان، اسان جي تجويز ڪيل آئيني ترميمن کي شفقت جي نگاھ سان ڏسو“

بيک مڱندي مڱندي مني صديءَ گذري وئي آهي، ڪنهن ڪرتا ڌرتا  اسان فقيرن جي تجويز ڪيل آئيني ترميمن تي شفقت جي نگاھ وجھڻ جي زحمت نھ ڪئي آھي. جنهن ڳالهھ اسان فقيرن کي وائڙو   بڻائي ڇڏيو آهي، ان ڳالهه کان انڪار نھ ٿو ڪري سگهجي. اسان قلندرن جي ووٽ جي بل بوتي  تي چوڌري، وڏيرا، خان، سردارن ۽ سيد صاحبان ،جيڪي اسيمبليءَ ۾ وڃي ويٺا آھن.هڪ لحاظ کان اسين بااثر ماڻهن کي ملازمت ڏيندا آهايون. سوچيو. ڇا اها حقيقت نھ آهي ته بااثر ماڻهو اسان جي ووٽن جي زور تي اسيمبلي جي ايوان تائين پهچن ٿا ؟

اسين آئين ۾ تمام وڏي ترميم ڏسڻ جا خواھش مند نھ آھيون، اسان صرف ايترو چاهيون ٿا ته جهڙي طرح ووٽ ڏئي ڪري اسين وڏيرن ، چوڌرين، خانن، سردارن کي اسيمبليءَ تائين پهچايون ٿا،بلڪل  اهڙيءَ طرح اسان انهن کي  devote ڪرڻ  جو آئيني حق گهرون ٿا، ناقص ڪارڪردگيءَ  جي بنياد تي نالائق ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کي اسان اسيمبلين مان پنھنجي ووٽ جي ذريعي فارغ ڪرڻ جو آئيني حق چاھيون ٿا.جھڙيءَ طرح اھي اسان فقيرن جي ووٽ بنا اسيمبليءَ ۾ وڃي نٿا سگهن،بلڪل  تيئن اسان جي مرضيءَ يعني اسان جي ووٽ بغيراسيمبليءَ ۾ ويھي نه ٿا سگھن. ڏاڍو ستايو آھي انھن ماڻهن .اسان کي گھڻو تنگ ڪيو آهي انھن ماڻھن. پنجن سالن ۾ هڪ ڀيرو اسان کان ووٽ گهرڻ  ايندا آهن. ان کان پوءِ پنهنجو منھن بھ نھ ٿا ڏيکارين.پنھنجي تڪ ۾ رتيءَ جو ڪم نھ ٿا ڪن. اهڙن ميمبرن خلاف آئيني طور تي اسين  devote  ڪرڻ  انھن جي جاءِ تي  ھوشيار ۽ لائق ميمبرن کي چونڊي آڻڻ جو آئيني حق چاھيون ٿا.

آئين ۾ اسين اهڙي ترميم چاهيون ٿا. هڪ نالائق ۽ نااهل ڪلرڪ کي توھان دفتر ۾ قبول نه ٿا ڪريو.ان کي ڊسمس ڪري ڪڍي ڇڏيو ٿا، تھ پوءِ قانون ساز اسيمبلي ۾  قانون کان اڻڄاڻ  کي توھان ڪيئن قبول ڪري سگھو ٿا ؟ اھڙي آئيني تبديلي جي لاءِ  گذريل 75 سالن کان  اسين گذارش ڪندا آيا آھيون ۽ ايندڙ ھڪ سئو پنجھتر ( 175 ) سالن تائين گذارش ڪندا رهنداسين.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.