ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي سنڌ ۾ آئيني بينچ ٺاهڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ لنجار سنڌ ۾ آئيني بينچ جي قيام بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 202 اي جي شق 6 تحت ٺهراءُ آڻڻ ضروري هو، اها آئيني گهرج آهي، ان دوران خيالن جو اظهار ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هو سنڌ ۾ جلد کان جلد آئيني بينچ قائم ڪرڻ لاءِ وفاق سان رابطو ڪندا، هو چاهين ٿا ته 26هين آئيني ترميم جو فائدو جلد کان جلد عوام کي ڏنو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري سمورين پارٽين کي پنهنجي ڊرافٽ تي راضي ڪيو هو، اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته روڊن جي حالت ٺيڪ ناهي، ڪم هلي رهيو آهي، لائينون تبديل ٿي رهيون آهن، ترقياتي ڪمن تائين ماڻهن کي پريشاني ٿيندي، پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ تي عمل بابت سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار تي عمل ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي، اسان جا آفيسر ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ فيلڊ ۾ آهن، ايم ڪيو ايم ميمبر راشد خان چيو ته لطيف آباد ۾ ڏيکاريل ڊسپينسري موجود ناهي، جنهن تي صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو ته اهو ممڪن ناهي ته ڊسپينسري ئي نه هجي، ايم ڪيو ايم ميمبر ضياءُ الحق چيو ته اڃا تائين ڪو به صحيح جواب ناهي آيو، منهنجي تڪ جي اسپتال ۾ ڪتا آهن، وليڪا اسپتال جي حالت خراب آهي، رجسٽريشن لاءِ ادارو ڇا ڪري رهيو آهي؟ صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو آهي ته وليڪا اسپتال ۾ روزانو هزارين ماڻهو اچن ٿا، جتي علاج نه ٿو ٿئي، اتي هزارين ماڻهو ڪيئن ٿا اچن؟